سنڌ اي ٽائيم ڪيپسول آف هيريٽيج

سنڌ اي ٽائيم ڪيپسول آف هيريٽيج

سنڌ اي ٽائيم ڪيپسول آف هيريٽيج

سنڌ اي ٽائيم ڪيپسول آف هيريٽيج (Sindh- A Time Capsule of Heritage) (ڪتاب): هيءُ انگريزي ڪتاب سنڌ جي اڳوڻي سرڪاري عملدار ۽ محقق محمد صلاح الدين جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو انتساب سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سيد سردار احمد جي نالي ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ 22 باب آهن، جن مان پهريون تعارفي باب آهي، جنهن ۾ قديم وسيع سنڌ جي عظمت کان ويندي موجوده دور جي تهذيب، ثقافت، رسمن رواجن، ٻوليءَ، مذهب ۽ تاريخ تي مختصر روشني وڌي وئي آهي. ان کانپوءِ، سنڌ جي بمبئيءَ سان الحاق جو پسمنظر، سنڌ جي مختلف قبيلن جي حسب نسب ۽ تاريخ جو احوال، جن ۾ ڪاٺي، سيلرا، ڌانڌل، موريا، ٻگهيا، انڙ، ڏاهري، سوڍا ۽ سومرا شامل آهن. ان کانپوءِ گجر، گرجارا ۽ دل قبيلا، سڪندراعظم جي دور جي سامارو ڍنڍ، جين ڌرم وارن جا مندر، لاڙ لاڙڪ، لاڙڪي (لفظن جو ڇيد سڪندر جي مورخ ٽالميءَ جي لکڻين جي روشنيءَ ۾) عنوان اچي وڃن ٿا. ان کانپوءِ راوڙ، مگ ۽ مڪان، ڊينگاڻ ۽ ڀرڳڙي، ڊيميٽريس ۽ مٽياري وارن نالن ۾ تاريخ جي تلاش کانسواءِ رتن ڪوٽ ۽ رتوڪوٽ، لانٻو تلاءُ عمرڪوٽ، سنڌو يا انڊس درياهه، قديم سڪا، موهن جي دڙي جي لڀجڻ جا اثرات، برهما جو مجسمو، سنڌ ۾ ٻڌمت، سماٽ، پالي ۽ سنڌ جي تاريخ بابت مرثيي/ نوحي (elegy) وارا عنوان شامل آهن. ليکڪ جو چوڻ آهي ته هن اهو ڪتاب سنڌ جي ماڻهن جي ڪهاڻي، سندن مذهبي عقيدن ۽ ٻوليءَ جا سرا ڳولي منطقي انداز ۾ انهن جي ٻيهر اڻت ڪري ماضيءَ سان حال جو تعلق جوڙڻ واري مقصد تحت لکيو آهي، جنهن کي سنڌ ۾ پذيرائي ملي آهي.
ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 495 صفحا آهن. هي ڪتاب زيان پبليڪيشن پاران ڪراچيءَ جي پيڪاڪ پرنٽرس، 2012ع ۾ ڇاپيو آهي، هن ڪتاب جي قيمت 500 روپيا رکي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو